The website shows Live Pakistani, Sports and Indian desi TV Channels, like Geo News, PTV News, Samaa TV, Express News, Express 24/7 TV, Dunya News, Aaj TV, Waqt News, Dawn News, Royal News, Channel 5, Mehran TV, Sindh TV News, Sindh TV, KTN News, Oxygene TV, Sports TV, Sony Max, Star Plus, Sony TV, IBN 7, NDTV, Zee Cinema, Islam Channel, live Tv links, etc

 
 

پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ موجود تعاون ٻطرفا اسٽريٽجڪ رابطا شروع ڪرڻ جي لاءِ ٺوس لائحه عمل کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد -  (قیادت نيوز) صدر آصف علي زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ موجود تعاون ٻطرفا اسٽريٽجڪ رابطا شروع ڪرڻ جي لاءِ ٺوس لائحه عمل کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ 5 سالن جي انگيجمينٽ پلان کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن پولينڊ جي پرڏيهي وزير روڊو سلا سيڪورسڪي سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي چئي. پولينڊ جو سفير ڊاڪٽر ناور، يورپي يونين جو سفير لارس گوناروگي مارڪ به ساڻس گڏ هئا، جڏهن ته پاڪستان طرفان پرڏيهي وزير حنا رباني کر، صدر جو سيڪريٽري سلمان فاروقي، صدارتي ترجمان فرحت الله بابر ۽ ٻيا سينيئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ بطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي ٻطرفي تعاون خاص طور تي اقتصادي ميدان ۾ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ بابت لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر پولينڊ ۽ ان جي حڪومت کي يورپي يونين جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان عرصي کي نه رڳو پاڪ پولينڊ لاڳاپن پر پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود تعاون جو جذبو اسٽريٽجڪ رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس لائحه عمل کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. هن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ 5 سالن جي انگيجمينٽ پلان کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان هن سال ٽين پاڪ يورپي يونين ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو منتظر آهي ته جيئن گذريل ٻن سربراهي اجلاسن جي عمل کي اڳيان وڌائيندي حصيداري کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي.

 
 
 
 
 

Email to us

Copyrights © 2008 Qiyadat Online Allrights are reserved by Qiyadat International. Reproduction or misrepresentation of material available on this web site " QIYADAT " in any form is infringement of copyright and is strictly prohibited.