OIDA MOTORS JAPAN - SAVE $$$$$ VERY CHEAP - CHANCE TO MAKE MONEY BUY TODAY AT CHEAP RATES - PRIMUS AT YOUR SERVICE - Visit Us Today
Buy all Kind of Japanese used vehicles direct from Japanese used car auto auctions
   
www.oidamotors.com
 
 
 

 

Sindh  TV
Please wait atleast 30 Seconds till stream download
click refresh button several times in case stream stopped
 
 
 
 
 

 

  14 ورهين جي نينگر اصغر ڪنڀار سان بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش

کپرو(پريس ريليز) شهر ويجهو صفر ڪالوني ۾ ٽن  جوابدارن  پاران 14 ورهين جي نينگر  اصغر ڪنڀار سان بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نينگر پاران سخت مزاهمت سبب مذڪوره جوابدارن سندس ٽنگون ۽ ٻانهون ڀڄي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ نينگر جي والد غلام محمد ڪنڀر، چاچو اڪبر علي ڪنڀر،عبدالغني ڪنڀر ميڊيا کي ٻڌايو ته گوگيو منڱريو،وزير پنجابي، رسول بخش راڄڙ سان 4 نامعلوم جوابدار هئا جن اسان جي نينگر کي بدفعلي جي ارادي سان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سخت مارڪٽ ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سندس هڪ ٽنگ ۽ ٻانهن ڀڄي  پئي آهي جڏهن ته اهڙو اطلاع بروقت کپرو پوليس کي پڻ ڏنو ويو پر کپرو پوليس ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ان جي ونگار وهندي اسان جو ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي. هنن ٻڌايو ته جوابدار بااثر آهن ۽ اسان غريب آهيون تنهن ڪري اسان جي داد رسي نٿي ڪئي وڃي انهن ٻڌايو ته مزاهمت دوران مذڪوره جوابدارن نينگر وٽان 6 هزار روق ۽ هڪ موبائل فون پڻ ڦري ويا آهن جيڪي هو ڳوٺ کڻي وڃي رهيو هو. نينگر وار وارثن ميڊيا جي اڳيان احتجاج ڪندي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتارنه ڪيا ويا ته احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

 

سميجا ويليفر ايسوسي ايشن ضلع سانگهڙ ۾ عام ڀلائي جا ڪم ڪري رهي آهي

کپرو :(پريس ريليز) سميجا ويلفيئر ايسوسي ايشن ضلع سانگهڙ جي جي 2 سالن لاءِ اليڪشن کپرو ٿي گذري جنهن ۾ مرڪزي صدر محمد سومار سميجو، ارباب علي سميجو، جنرل سيڪريٽري، محمد حسين سميجو جوائنٽ سيڪريٽري، نبي بخش سميجو اطلاعات سيڪريٽري، منظور علي سميجو آفيس سيڪريٽري، محمد سالم سميجو رابطه سيڪريٽري، محمد سميجو لائبريري سيڪريٽري چونڊيا ان موقعي چونڊيل اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته سميجا ويليفر ايسوسي ايشن گذريل ڪيترن ئي سالن کان ضلع سانگهڙ ۾ عام ڀلائي جا ڪم ڪري رهي آهي هنن ٻڌايو ته اسان سميجا ويلفيئر ۾ هزارين ميمبر آهن جيڪي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اعزازي طور ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي چونڊي مرڪزي صدر سومار سميجو ٻڌايو ته ضلع سانگهڙ ۾ ڪيترن ئي غريب ماڻهن سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پريشان ڪيو پيو وڃي عوام جي رهنمائي لاءِ ڪي به ڪال سينٽر وغيره نه کوليا ويا آهن جنهن جي ڪري هتي جا اٻوجهه ماڻهو پئسن جي معلومات لاءِ پريشان ٿي ماڻهو جي هٿان ڦرجي رهيا آهن. هن ٻڌايو حڪومت کي گهرجي ته هو عوام جي ڀلائي ڪال سينٽر قائم ڪري انهن جي رهنمائي ڪري. ان موقعي تي سوين ميمبرن نئي چونڊجي آيل باڊي کي مبارڪبادون ڏنيون.

سنڌي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا: قادر مگسي

ڊگهڙي (بيورو رپورٽ) سنڌ کي ٽوڙي صوبا ٺاهڻ جون سازشون ڪندڙن کي ناڪام بڻايو ويندو. سنڌ جا غيرتمند سنڌي سنڌ جي ذري ذري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو ڊگهڙي لڳ ديهه 160 ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ۽ ڪراچي ۾ قتل ٿيل ايس ٽي پي ڪارڪن غلام رسول مگسي جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي هن وڌيڪ چيو ته شهيد ٿيل ڪارڪن غلام رسول مگسي جي قاتلن کي معاف نه ڪيو ويندو ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاٿو پيو وڃي ۽ پوليس انتظاميا کيس گرفتار ڪرڻ بدران کيس تحفظ ڏئي رهي آهي. ٻئي پاسي ڳوٺ چوڌري شاهه محمد ڌاريوال ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا وارث سنڌي آهن. سنڌ جي وسيلن تي صرف سنڌين جو حق اهي. سنڌ کي ٽوڙي وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جون سازشون ناڪام بڻائينداسين. پ پ مان عوام مايوس ٿي چڪو آهي. عوام ايندڙ چونڊن ۾ قومپرستن کي ووٽ ڏيندو. شهيد بينظير جا قاتل حڪمرانن سان گڏ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. جڏهن ته اصل مجرم پرويز مشرف کي حڪمرانن گارڊ آف آنر پيش ڪري هٿ سان ٻاهر موڪليو آهي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ نند لعل مالهي ڄام شوڪت ابڙو، مالڪ ڏنو نوحاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته جلسي ۾ ڊگهڙي ۽ بدين ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي سوين ماڻهن ايس ٽي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ڪراچي مان سنڌين کي لڏائڻ جي سازش ٿي رهي آهي:بشير قريشي

ڪراچي(بيورو رپورٽ)جسقم چيئرمين بشير خان قريشي اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪندي سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اڄ ڪاروبار احتجاج طور بند رکن، ڪالهه گلشن حديد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي مان لڏائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ان ڪري انهن کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌين تي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ هڪ لساني ٽولو سنڌي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ حملا ڪرڻ ۾ سرگرم آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، اسان ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، هن چيو ته گلشن حديد ۾ جنهن ڏينهن مون تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ان ڏينهن آئون اتي موجود ئي نه هئس ۽ جسقم جو ان واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، هن چيو ته موجوده حڪومت سنڌي ماڻهن جي ووٽن سان چونڊجي آئي آهي، اها سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪري، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا به موجود هئا.

پاڪستان ۾ رهڻ خطرناڪ آهي، هتي آمريڪي سياست پئي هلي: فاطمه ڀٽو

نئين دهلي (قیادت نيوز) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطما ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪي سياست هلي رهي آهي. ملڪ ۾ رهڻ خطرن کان خالي ناهي. هندستاني اخبار کي انٽرويو ڏيندي فاطمه ڀٽو جو چوڻ هو ته پاڪستاني آئين مان اين آر او ۽ حدود آرڊيننس جهڙا قانون ختم ٿيڻ گهرجن. ڀٽو خاندان بابت لکيل ڪتاب کي هندستان مان ڇپائڻ ۽ اتان کان جاري ڪرڻ بابت فاطمه ٻڌايو ته ڪتاب ۾ خانداني مسئلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان لاءِ پاڪستان مان ان جي ڇپجڻ جي اميد نه هئي. پاڪستان ۾ زرعي سڌارا اچڻ گهرجن. پنهنجي زمين نٿا ڇڏي سگهون، ڇو ته اتان مالي مدد ملي رهي آهي.

ڪراچي جي پراڻي حيثيت چاهيون ٿا، اڳوڻن ناظمن کي بخش نه ڪنداسين: وڏو وزير  سيد قائم علي شاهه

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته  نئين مڪاني نظام ۾ ترميمن وارو معاملو ايترو آسان نه آهي جو 24 ڪلاڪن اندر حل ڪيو وڃي. ان لاءِ اتحادي ڌرين سان گڏجاڻيون هلندڙ آهن، جڏهن ته ان حوالي سان فنڪشنل ليگ، اي اين پي ۽ اين پي پي جو موقف اسانجي موقف سان ٺهڪندڙ آهي. جلد حتمي نتيجي تي پهچي وينداسين. اهي ڳالهيون هن  ڪالهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ ورڪرن جو مطالبو آهي ته ڪراچي کي پنجن ضلعن   ۽ حيدرآباد کي پراڻي ضلعي واري حيثيت ۾ بحال ڪيو وڃي، جنهن لاءِ اسان جو ڪوششون هلندڙ آهن. وزيراعليٰ چيو ته جن اڳوڻن ناظمن ڪرپشن ڪئي انهن خلاف انڪوائري ۽ فنڊن جي استعمال بابت آڊٽ ڪرائي قدم کنيا ويندا. جڏهن صدر ، وزيراعظم ۽ مون سميت سڀني کان پڇاڻو ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ناظمن کان ڇونه ڪيو ويندو؟. هنن وٽ به اهم اختيار هئا ۽ انهن وڏيون موجون ڪيون آهن. هن چيو ته 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا. ترقياتي ڪمن بعد مزار وٽ وڏي تبديلي اچي وئي آهي. جلسي گاهه جي اسٽيج مزار اڳيان پٺي اولهندي پاسي ٺاهڻ سان مزار جو ڏيک تمام خوبصورت ٿي پيو آهي. هن ٻڌايو ته 4 اپريل جي جلسي کي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندو، وضاحتي سوال پڇڻ تي وزيراعليٰ چيو ته صدر جلسي ۾ پاڻ اچي خطاب ڪندو يا نئون ديرو هائوس مان وڊيو ذريعي ان  بابت اسان حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون. جڏهن ته 2 اپريل تي نئون ديرو  پريزيڊنٽ هائوس تي رٿيل پ پ سنڌ جو ورڪرز ڪنوينشن ملتوي ڪري شهيد بينظير  ڀٽو جي جنم ڏينهن 21 جون تي رکيو ويو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بجلي جي  لوڊشيڊنگ سبب عوام کي پهچندڙ تڪليفن جو احساس آهي. نئون ديرو ۾  تعمير ٿيندڙ 50 ميگاواٽس جي بجلي گهر جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد  لاڙڪاڻي ۽ پسگردائيءَ وارن علائقن  ۾ بجلي جي  بحران تي ضابطو اچي ويندو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي تعمير لاءِ ڪجهه  زمين صوبائي حڪومت  ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وڌيڪ گهربل زمين جلد خريد  ڪئي ويندي. هن چيو ته سڀ ڪجهه بينظير صاحبه جي  مهربانين  سان مليو آهي ۽ ان جي  نالي سان جيڪي  به ترقياتي اسڪيمون  آهن انهن کي اوليت ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي وزيراعليٰ سان گهرو وزير ڊاڪٽر  ذوالفقار مرزا، مڪاني ادارن جو وزير آغا سراج دراني، قانون جو صوبائي وزير  محمد اياز سومرو ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ گڏ هئا. هنن شهيد بينظير ڀٽو ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ دعائون گهري گلن جي ورکا ڪئي. بعد ۾ وزيراعليٰ مزار اڳيان ٿيل ترقياتي ڪمن جو  جائزو ورتو ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي سيڪورٽي بابت هدايتون ڏنيون. 

ميرپور خاص: پسند جو پرڻو ڪرڻ تان ناري اغوا ڪرائيندڙ وڏيري مٿان عدالت ۾ پادرن جو وسڪارو

ميرپور خاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري کي اڳوڻو يوسي ناظم جادو مري اغوا ڪري ويو، ڪورٽ ۾ وارثن مٿس پادرن سان وسڪارو لاهي سندس گاڏي جا شيشا توڙي ڇڏيا. ميرپور خاص جي ڪوري ڳوٺ جي رهائشي نوجوان ناري ياسمين نهڙي ڳوٺ لاکو انڙجي رهائشي نوجوان اعجاز برفت سان 25 فيبروري تي پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن تي نهڙي برادري يونين ڪائونسل جي اڳوڻي ناظم جادو مري کي راڄوڻي فيصلي لاءِ چيو هو جنهن پنهنجن حامين سان پرڻيل ناري ياسمين نهڙي کي اغوا ڪري پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو. نوجوان اعجاز برفت ياسمين جي بازيابيءَ لاءِ مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي جادو مري ڇوڪريءَ کي پيش ڪرڻ بدران پاڻ عدالت پيش ٿيڻ لاءِ جيئن ئي ڪورٽ ۾ پهتو ته برفت برادريءَ جي مردن ۾ عورتن کيس ڏسندي ئي مٿن پادرن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، جنهن تي هو گاڏي ۾ ويهي جان بچائي فرار ٿي ويو، سوين عورتن، مردن ۽ ٻارن ڪورٽ سامهون ميرپورخاص پريس ڪلب سامهون ياسمين کي هٿ ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، ٻئي طرف سٽي ٿاڻي تي اعجاز برفت ياسمين جي اغوا جو ڪيس اڳوڻي يوسي کاڻ جي ناظم جادم مري صديق نهڙي ۽ محمود نهڙي خلاف داخل ڪرايو آهي، پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي، جڏهن ته مقامي عدالت ياسمين نهڙي کي 12 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عورتن کي هيسائڻ خلاف بل قانون بڻجي ويو، صدر صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): صدر آصف علي زرداري مختلف هنڌن تي ڪم ڪرڻ دوران عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف بل 2010 تي صحي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ اهو هاڻي قانون بڻجي ويو، جيڪو فوري لاڳو ٿيندو، ان تحت ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان نه ڪيو ويندو. ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ۽ سزائون ڏنيون وينديون. عورتن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪ ادارو ٺهندو، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي عورتن لاءِ محتسب به مقرر ٿيندا. صدر ڪالهه ايوان صدر ۾ هڪ خاص تقريب ۾ بل تي صحيحون ڪيون. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته عورتن کي حق ڏيارڻ شهيد بينظير ڀٽو جو مشن هو ۽ مان اهو مشن پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. صدر اعتراف ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو مون کان وڌيڪ سگهاري هئي. آصف زرداري چيو ته مان عورتن جو صدر ثابت ٿيندس.

لساني ڌر پنهنجي مرضي جو مڪاني نظام آڻڻ لاءِ سرڪار تي دٻاءُ پئي وجهي:ايس ٽي پي

حيدرآباد (پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ترجمان نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته لساني ڌر پنهنجي مرضي جو مڪاني نظام آڻڻ لاءِ پ پ سرڪار تي مسلسل دٻاءُ وجهي رهي آهي. سرڪار بليڪ ميلنگ ۾ اچي مڪاني نظام ۾ اهڙي ڪا به تبديلي نه آڻي جنهن ۾ لساني بنيادن تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش شامل هجي. مڪاني نظام ذريعي لساني بنيادن تي سنڌ کي ورهائڻ کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. هن چيو ته ڪراچي سنڌ آهي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ هڪجهڙوئي نظام لاڳو ٿيڻ گھرجي. جنهن سان سنڌ جي وحدت ۽ ايڪتا جو اظهار ٿئي. هن چيو ته ڪراچي کي پراڻن پنجن ضلعن ۾ ورهائي ۽ حيدرآباد ضلعي جي پراڻي حيثيت بحال ڪري مشرف جو ناظمي وارو مڪاني نظام ختم ڪري 1979ع وارو مڪاني نظام بحال ڪيو وڃي، هوڏانهن ٽنڊو  الهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مڪاني اليڪشن جي تياري لاءِ مهم شروع ڪئي وئي آهي،  ان سلسلي ۾ شهر جي دستگير ڪالوني ۾ هڪ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي ضلعي صدر الطاف جسڪاڻي، مير محمد پتافي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي،  اسين خانداني سياست جو خاتمو آڻي  مسڪين ۽ پورهيت عوام کي گڏ کڻي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابيون ماڻينداسين.

ڪراچي ۾ بنگلي ۾ ڌاڙي جي ڪوشش،مزاحمت تي هڪ قتل

ڪراچي(بيورو رپورٽ)ڪراچي ويجهو گذري ۾ هيلپ لائين ٽرسٽ جي چيئرمين عبدالحميد ميڪر جي بنگلي ۾ ڌاڙي جي ڪوشش، مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ ملازم راڻيپور واسي مولاداد ولد مولو مارجي ويو، 3 ٻيا ملازم الهڏتو، روشن ۽ عبدالخالق زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، صبح جو وقت هو، ملازم بنگلي جي اڱڻ ۾صاحب جي انتظار ۾ ويٺا هئا ته 4 هٿياربند زوري بنگلي ۾ اندر داخل ٿيا، بورچي هڪ کي ڌڪو ڏنو ته هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڊرائيور مولاداد مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي،لڳي ٿو ته انصاف نالي ڪا به شيءِ ناهي:چيف جسٽس

پشاور(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري چنيوٽ ۾ نوجوانن تي پوليس تشدد جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، لڳي ٿو ته انصاف نالي ڪا به شيءِ ناهي، چيف جسٽس معاملي بابت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي 11 مارچ تي عدالت ۾طلب ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۾پوليس تشدد ڪيس ۾ ذميوار پوليس اهلڪارن کي فقط معطل ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي پر انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ رجسٽري پشاور ۾ پنجاب پوليس تشدد ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾جهنگ جو قانون نظر اچي ٿو، بنيادي انساني حقن جي سرعام لتاڙ ٿي رهي آهي، چيف جسٽس آءِ جي پنجاب پاران قائم ڪيل ڪاميٽي کي واقعي بابت رپورٽ 11 مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ آءِ جي پنجاب توڙي ايڊووڪيٽ جنرل کي پڻ 11 مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اي اين پي جي سنڌ جي شهرن تي قبضي واري سياست برداشت نه ڪبي:آريسر

حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ اي اين پي پاران ڪراچي سميت سنڌ جي شهرن تي مالڪي جي دعويٰ کي رد ڪندي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته هو سنڌ دشمن بيان بازي کان پاسو ڪن، سنڌ جا ماڻهو هاڻ پنهنجي ڌرتي تي ڌارين جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اي اين پي جيڪڏهن پختونن جي مفادن جي سياست پختونخواهه جي سرزمين تي ڪندي ته اسين آجيان ڪنداسين پر جيڪڏهن سنڌ جي سرزمين ۽ ايوان تي قبضي واري روش اختيار ڪندي ته سنڌ جا ماڻهو ساڻن اهڙو سلوڪ اختيار ڪندا جهڙو شاهه بيگ ارغون سان ڪيو هو، جاري ڪيل ساڳئي بيان ۾وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسقم جي اعليٰ پاليسي ساز جئميسٽ ڪائونسل جو اجلاس 14 فيبروري تي حيدرآباد ۾ جسقم چيئرمين عبدالواحد آريسر جي صدارت ۾ رکيو ويو آهي.

مفاهمت ماريو آ نه ته بدمعاشن کي ٽنگي ڇڏيان، ڪراچي ۾ فوج گهرائي سگهجي ٿي، خبر آهي ته ڪهڙا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهيا آهن: گهرو وزير ذوالفقار مرزا 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ڪراچي  ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بدامني تي ڪنٽرول لاءِ فوج کي گهرائي سگهجي ٿو، هن اها ڳالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ امن امان جي حوالي سان پنهنجو هڪ بيان ڏيندي ڪئي. ذوالفقار مرزا ايوان ۾ تقرير ڪندي چيو ته هن صدر، وزير اعظم، گورنر، وڏي وزير  ۽ فوج کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪراچي ۾ سوات جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ۽ مان فوج کي درخواست ڪندس ته اها اچي ۽ ڪراچي جو انتظام سنڀالي. ڪراچي ۾ سياسي ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي ۽ مان شهر جي هڪ علائقي ۾ 144 قلم لڳايو ته ٻئي علائقي ۾ ٽارگيٽ قتل شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪاش مون کي مفاهمت جي پاليسي بنا 3 مهينا ملن ها ته بدمعاش سياستدانن کي چوراهن تي ٽنگي ڇڏيان ها ۽ ٽارگيٽ قتل ۽ ان دوران سنڌ ۾ به ڏوهه ختم ٿي وڃن ها، پر مفاهمت جي پاليسي پنهنجي جڳهه تي پر اڄ کان پوءِ بدمعاشن سان رعايت نه ڪندس ۽ سنڌ جي ماڻهن کي باحفاظت ۽ باعزت زندگي فراهم ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته هو هر هڪ اسيمبلي ميمبر جي باري ۾ ٻڌائيندو ته ڪير ڪيترن ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هو هن ايوان جي ميمبر پيپلز پارٽي جي ڪارڪن، پاڪستان جي شهري ۽ سنڌ ڌرتي جي غيرتمند پٽ جي حيثيت ۾ اهو اعتراف ڪري ٿو ته امن امان هن جي ڪري خراب ٿي رهيو آهي ۽ هو ان جي ذميواري قبول ڪري ٿو. هن چيو ته هو خبردار ڪري ٿو ته غريبن، بکايلن، مسڪين ماڻهن جو رت وهائڻ بند ڪيو وڃي. مارڻو آهي ته مون کي ماريو، وڃي فوٽ پاٿن ۽ روڊن تي ستايلن ماڻهن کي ڇو ٿو ماريو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ايم اين اي، ايم پي اي کي ڇو نه ٿو ماريو وڃي اهي ته شهر ۾ گهمي رهيا آهن، امن امان جي صورتحال خراب آهي ته اها سڀني جي لاءِ هجڻ گهرجي، صرف غريب ماڻهن کي ڇو ٿو ماريو وڃي، انهن جو قتل عام بند ڪيو وڃي. ذوالفقار مرزا، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سڀني کان قرآن تي هٿ رکرايو ته ڪو به سڌي يا اڻ سڌي طرح ڏوهن ۾ ملوث نه ٿيندو، ان جو جيڪڏهن هڪ به ماڻهو مري ته مون کي ڦاهي ڏني وڃي، اسان ۾ ڪو به مخلص نه آهي، هن چيو ته اسان ٿورو به انتظام ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو وڃي ٿو. اڄ مان گهرو وزير آهيان، سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو ۽ جيڪڏهن پ پ جي قيادت اهو سمجهيو ته مان بار آهيان ته پوءِ هڪ منٽ به واپس وڃڻ ۾ دير نه ڪندس، هن وڌيڪ چيو ته گذريل 12 سالن ۾ منهنجي ڪيفيت اها هئي ته مان اک بند ڪندو هوس ته مون کي ڦاهي جو ڦندو نظر ايندو هو ۽ اهو شهيد بينظير ڀٽو جي قرباني جو نتيجو آهي ته اسان سڀ هتي ويٺا آهيون ۽ هي آخري موقعو آهي، ان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي ۽ هن موقعي کي قوم جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، اسان سڀ سياسي اسڪورنگ ۾ لڳل آهيون ان ۾ ملڪ جو ۽ اسان سڀني جو نقصان آهي ايندڙ نسلن جي مستقبل جي لاءِ صحيح رستي تي هلڻ گهرجي ۽ اهي عمل فوري طور بند ڪيا وڃن، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مسلم ليگ (ق) جي ميمبر شهريار مهر جي طرفان ايوان ۾ اٿاريل هڪ اعتراض جي نقطي جو حوالو ڏيندي چيو ته مان ٻڌايان ٿو ته ڪيترا ٽرالر هاءِ وي کان پڪڙيا ويا هئا جيڪي انهن جي فيڪٽرين مان نڪتا هئا، شڪارپور جو هر ننڍو ٻار ڄاڻي ٿو ته ان ضلعي ۾ ڏوهه ڪير ٿو ڪرائي، ووٽن تي ٺپا لڳائڻ لاءِ ڪهڙيون جايون آهن ۽ مفاهمت جي ڇٽي هيٺان تحفظ ورتو پيو وڃي ۽ غريبن کي ماريو وڃي ٿو، مهرن جي لڳايل باهه جي ڪري قبائلي جهيڙن ۾ 2 سئو ماڻهن جون زندگيون جلي ويون ۽ انهن قبائلي جهيڙن جو فائدو پ پ مخالف قوتن کي ٿيندو آهي، جيڪي مارشلائن جي پيداوار آهن، هن چيو ته هڪ غريب جي مينهن چوري ٿي اسان چور پڪڙيا ته شهريار مهر ۽ هن جي والد چورن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مون کي فون ڪيا، هن وڌيڪ چيو ته مان سڀني ايم اين ايز، ايم پي ايز جو ڪچو چٺو ٻڌائيدس ته ڪير ڪيترن ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.

حڪمران سنڌو تي نوان ڊيم ٺاهي سنڌ سڪائڻ چاهين ٿا: ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته اهڙي حڪومت نه کپي جيڪا سنڌو کي سڪائي، جڏهن ته سنڌ تي صرف سنڌين جو حق آهي، افغاني بهاري، برمي ۽ ڪابلين جو نه، اهڙو اظهار هن ڀرياسٽي، ٺارو شاهه ۽ مٺياڻي ۾ مختلف ڪارڪنن سان عذر خواهي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ۽ جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪالهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڀرياسٽي، ٺارو شاهه ۽ مڄٺ ڳوٺ ۾ پارٽي جي مقامي اڳواڻن سان عذرخواهيون ڪيون، ان موقعي تي ٺارو شاهه ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ اعلانيل ريلي برسات سبب ريلي ملتوي ڪئي وئي، ٺارو شاهه ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي قادر مگسي چيو ته ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن ۾ دهشتگردن جو راڄ آهي، جڏهن ته حڪومت اتحادي ڌر آڏو بيوس بڻيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ قومپرست گڏيل اميدوار بيهاريندا ۽ اهي ضرور ڪامياب ٿيندا، هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي قافلي جي صورت ۾ مٺياڻي پهتو، ان موقعي تي ڪارڪنن ۽ شهرين شهر کان 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سندس ڀرپور استقبال ڪيو ۽ قافلي تي گلن جي ورکا ڪئي، مٺياڻي ۾جلسي کي خطاب ڪندي قادر مگسي چيو ته سنڌ واسين شهيد بينظير جي قرباني عيوض حڪمرانن کي ڪامياب ڪيو پر هو عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪرسيون بچائڻ ۾ پورا آهن ۽ اڃا تائين شهيد راڻي جا قاتل به گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، هن چيو ته مشرف ئي بينظير جو قاتل آهي پر حڪمرانن کيس گرفتار ڪرڻ بدران لنڊن وڃڻ جو موقعو ڏنو، هن چيو ته اسان ڪالاباغ ڊيم خلاف 9 سال پرويز مشرف سان وڙهياسين پر هاڻوڪا حڪمران سنڌو مٿان 32 نوان ڊيم ٺاهي سنڌ کي سڪائڻ چاهين ٿا، هن عوام کي اپيل ڪئي ته ايندڙ چونڊن ۾ ساٿ ڏنو وڃي ۽ ڪامياب ٿياسين ته سنڌ جي قسمت ئي بدلائي ڇڏينداسين، هوڏانهن ايس ٽي پي ڪراچي جي ڪوآرڊينيٽر گلزار سومرو مهراڻ ٽائون ۾ 2 قومپرست ڪارڪنن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ حڪومت ۾ شامل هڪ ڌر ملوث آهي، هڪ پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تازو ايس ٽي پي ۾ شموليت ڪندڙ اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رجب ميمڻ ۽ نامياري دانشور ظفر اڄڻ جي مان ۾ آچر تي ترقي پسند هائوس حيدرآباد ۾ آجياڻو ڏنو ويندو.

 
 

Email to us

Copyrights © 2008 Qiyadat Online Allrights are reserved by Qiyadat International. Reproduction or misrepresentation of material available on this web site " QIYADAT " in any form is infringement of copyright and is strictly prohibited.